چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي جي تصوير

چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي جي تصوير

پاڪستان مسلم ليگ ق

پاڪستان مسلم ليگ (ق ):’ق‘ ليگ جي نالي سان مشهور پاڪستان مسلم ليگ جو هي ڌڙو 2001ع ۾ تڏهن وجود ۾ آيو، جڏهن مسلم ليگ ڪيترن ئي ڌڙن ۾ تقسيم ٿي چڪي هئي ۽ ق ليگ کي سڀ کان وڌيڪ عوامي حمايت حاصل هئي. عمومي طور تي هن جماعت کي روشن خيال ۽ اعتدال پسند تصور ڪيو ويو، جڏهن ته تڏهوڪي صدر ۽ هاڻوڪي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف ۽ ق ليگ کي هڪ ٻئي جي حمايت حاصل رهي ۽ اصلي مسلم ليگ جا اڪثر ميمبر هن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا، تنهن بعد پارٽي ”ڪنگز پارٽيءَ“ جي نالي سان نمايان ٿي. پرويز مشرف پنهنجي ڪتاب ”ان دي لائين آف فائر- اي ميمائر“ (2006ع) ۾ انڪشاف ڪيو ته مسلم ليگ ق جي تشڪيل سندس خواهش تي ٿي. آڪٽوبر 2002ع جي عام چونڊن ۾ ق ليگ 25.7 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هئا، 272 مان 69 ميمبر ق ليگ جا ڪامياب ٿيا ۽ چونڊ بعد فلور ڪراسنگ وارو قانون ختم ڪرائي خاص طور تي ڪجهه پ . پ ميمبر ٽوڙي ادارن جي مدد سان حڪومت قائم ڪئي، مقصد ماڻڻ بعد وري فلور ڪراسنگ وارو قانون بحال ڪري ڇڏيو. سندن پهريون وزيراعظم مير الله جمالي'>ظفر الله جمالي هو، جنهن کي ڪجهه اختلافن جي ڪري ستت ئي استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ بعد ۾ چوڌري شجاعت کي ٽن مهينن لاءِ وزيراعظم مقرر ڪري، آمريڪا مان گهرايل اڳوڻي پاڪستاني خزاني جي وزير شوڪت عزيز کي پنجاب سان گڏ سنڌ جي مٺيءَ (ٿرپارڪر) تڪ تان ڪامياب ڪرائي وزيراعظم بڻائي ويهاريو ويو، پر اهم فيصلا پوءِ به پرويز مشرف ۽ چوڌري شجاعت وٽان ٿيندا رهيا، سندن حڪومت ۾ ڪجهه غلط پاليسين سبب ڪيترائي پيچيده مسئلا پيدا ٿيا، جنهن سبب سندن عوامي حمايت گهٽجندي وئي، تن ۾ لال مسجد وارو واقعو، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ۽ نواب اڪبر بگٽيءَ جو قتل، چيف جسٽس کي هٽائڻ بعد شروع ٿيل وڪيلن جي تحريڪ، خودڪش حملا ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جهڙو وڏو واقعو به ان حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ قائم ڪيل نگران حڪومت دوران، چونڊن کان ٿورو اڳ پيش آيو، نتيجي ۾ عوام جون همدرديون ٻيهر پيپلز پارٽيءَ سان وڌي ويون ۽ 2008ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان سموري ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته نواز ليگ ٻئي نمبر تي ۽ اي. اين. پي ۽ ايم ڪيو ايم پڻ ڪجهه اڪثريت حاصل ڪئي، جنهن بعد گڏيل حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو ۽ جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف، جنهن تازو ئي پاڻ کي صدر چونڊرايو هو، تنهن کي پڻ آگسٽ ۾ استعيفيٰ ڏيڻي پئي (وڌيڪ ڏسو: پرويز مشرف). پاڪستان مسلم ليگ ’ق‘ جو هاڻوڪو صدر به چوڌري شجاعت آهي ۽ جنرل سيڪريٽري مشاهد حسين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو